ملڪ ۾ برساتن دوران فوت ٿي ويلن جو انگ وڌي 21 ٿي ويو، ڪيترائي زخمي

لاهور: سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ برساتن سبب مختلف حادثن ۾ ٻارن، عورتن سميت وڌيڪ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. تازين برساتن دوران ٻن ڏينهن دوران فوت ٿي ويلن جو انگ وڌي 21 ٿي ويو آهي  جڏهن ته ڪيترائي زخمي آهن.

تفصيل موجب لاهور سميت پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ گذريل ڏينهن کان جاري طوفاني برسات سبب اهم روڊ سمنڊ جو منظر پيش ڪري رهيا آهن. چوڌاري پاڻي ئي پاڻي نظر اچي رهيو آهي

ريسڪيو اختيارين موجب ڪامونڪي ۾ عبدالله روڊ تي برسات سبب زبون حال گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 8 ڄڻا دٻجي ويا. پاڙي وارن ملبي مان ماءُ ۽ 2 ٻارڙين جا لاش ڪڍي ورتا. فوت ٿي ويلن ۾ 2 ورهين جي فاطمه ۽ 13 ورهين جي مريم جڏهن ته 50 ورهين جي حاجره شامل آهن.

اختيارين موجب لاهور جي علائقي مزنگ اسپتال جي ڀت برسات سبب ڪري پئي. حادثي ۾ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا. انتظاميه موجب اسپتال  جي ڀت ڪرڻ سبب مزنگ اسپتال جو ويٽنگ شيڊ ڪري پيو. ٻئي طرف شرقپور شريف ۾ برسات دوران پاڻي جو موٽر هلائيندي ڪرنٽ لڳڻ سبب ڏاڏو ۽ پوٽو فوت ٿي ويا. ريسڪيو اختيارين ڏاڏي پوٽي جا لاش ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن به ملڪ ۾ ٿيندڙ برسات دوران پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ ٻارن، عورتن سميت 15 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا.

ٻئي طرف موسميات کاتي ملڪ ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران مري، راولپنڊي، سرگودها ۾ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي. گليات، جهلم، اٽڪ ۽ چڪوال ۾ به کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي. ميانوالي، فيصل آباد، جهنگ سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ برسات پوندي. تيز برسات سبب اسلام آباد، راولپنڊي جي هيٺاهين علائقن ۾ ٻوڏ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔