سرڪاري ملازمن جي پينشن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد:وفاقي حڪومت پينشن ۾ ساڍا 17 سيڪڙو واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پهرين جولاءِ کان وفاقي حڪومت جي سمورن پينشنرز خاص طور تي دفاع جي سول پينشنر ۽ آرمڊ فورسز جي ريٽائرڊ ۽ سول آرمڊ فورسز جي ريٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن  موجب پينشن ۾ واڌ  جو فيصلو فيملي پينشن تي به هوندو. هوڏانهن پهرين جولاءِ کان گهٽ کان گهٽ پينشن 10 هزار روپين مان وڌائي 12 هزار روپيه ڪئي وئي آهي.

ياد رهي ته وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 35 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ ساڍا 17 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو هو جڏهن ته اي او بي آءِ جي پينشنرز جي پينشن 10 هزار روپيه ڪئي وئي آهي.

قومي اسيمبلي ۾ به ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ جي منظوري ڏني وئي آهي جنهن ۾ 215 ارب روپين جا نوان ٽيڪس لڳايا ويا آهن.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔