صحافي 20 سالن تائين گڏهه جو گوشت کائيندو رهيو

مصر سان تعلق رکندڙ نامور صحافي انڪشاف ڪيو آهي ته مون سميت پورو خاندان 20 سالن تائين گڏهه جو گوشت کائيندو رهيو پر پتو ئي نه پيو

عرب ميڊيا جي هڪ رپورٽ موجب محمود سعد فيس بوڪ تي شيئر ڪيل پنهنجي وڊيو پوسٽ ۾ چيو ته اسان جي رهائشگاهه ۾ ڪاسائي جو دڪان هو جنهن تان منهنجي والده گوشت وٺندي هئي

هن چيو ته 20 سالن تائين اسان ان کان ئي گوشت وٺي کائيندا هئاسين، هڪ ڏينهن جڏهن والده گوشت وٺڻ وئي ته دڪان بند هو، بعد ۾ خبر پئي ته ان دڪان تان گڏهه جو گوشت هٿ ڪيو ويو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔