وزيراعظم شهباز شريف جي لنڊن ۾ نوازشريف سان اڍائي ڪلاڪن جي ڊگهي ملاقات

لنڊن: وزيراعظم شهباز شريف لنڊن ۾ پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف سان اڍائي ڪلاڪن تائين ڊگهي ملاقات ڪئي آهي. ملاقات کان پوءِ ڳالهيون ڪندي وزيراعظم چيو ته ميان نوازشريف جو علاج هلي رهيو آهي الحمدالله هاڻ هو اڳ کان ڪافي بهتر آهي.

هن چيو ته نوازشريف جو آچر جي صبح لنڊن مان دبئي پهچڻ جو امڪان آهي. هو 3 کان 4 ڏينهن اتي ترسندو جنهن کان پوءِ حج جي ادائيگي لاءِ دبئي کان سعودي عرب ويندو.

وزيراعظم شهباز شريف ٻڌايو ته مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ مريم نواز به اڄ لاهور کان رواني ٿيندي. اها والد سان گڏ حج ادا ڪندي.

وزيراعظم چيو ته ماحوليات جي حوالي سان ڪانفرنس ۾ آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان ملاقات خوشگوار رهي. ان کي ٻڌايو آهي ته پاڪستان سموريون شرطون پوريون ڪري ڇڏيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔