معاشي اسحڪام لاءِ سول ۽ عسڪري قيادت پاران وڏو فيصلو

اسلام آباد: پاڪستان جي سول ۽ عسڪري قيادت معيشت جي ترقي ۾ ايندڙ رنڊڪن کي گڏجي ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جو باقاعدي پهريون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آرمي چيف، وڏن وزيرن، وفاقي ۽ صوبائي وزيرن، اعليٰ سرڪاري اختيارين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ معيشت جي ترقي ۾ ايندڙ رنڊڪن تي بريفنگ ڏني وئي.
پڌرائيءَ موجب پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل قائم ڪئي وئي آهي، ڪائونسل پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ پيش ايندڙ رنڊڪون ختم ڪندي، ايس آءِ ايف سي سيڙپڪارن لاءِ ون ونڊو جو ڪردار ادا ڪندي.
پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو ته معاشي بحالي جو قومي پلان تيار ڪيو ويو آهي، منصوبي تحت وفاقي، صوبائي حڪومتن ۾ ڀائيواري پيدا ڪئي ويندي، زراعت، لائيو اسٽاڪ، آءِ ٽي، توانائي ۽ زرعي پيداوار جهڙن شعبن ۾ پاڪستان جي اصل صلاحيت مان فائدو ورتو ويندو.
اجلاس جي پڌرائيءَ موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته پاڪ فوج معاشي بحالي جي حڪومتي پلان تي عملدرآمد جي ڀرپور حمايت ڪري ٿي.
وزيراعظم اجلاس سان خطاب ڪندي چيو ته حڪومت کي تباهه ٿيل معيشت ملي، دليراڻا فيصلا ڪري رهيا آهيون، اڃا وڏا چئلينج آهن.
هن چيو فيصلو ٿيو ته وفاق ۽ صوبن جي ڀائيواري سان ڪم ڪيو ويندو، سيڙپڪارن کي پهرين ترجيح ڏني ويندي، جنهن سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، نوجوانن ۽ عورتن کي روزگار ملندو.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔