واٽس ايپ ۾ صارفين جي پرائيويسي بابت اهم فيچر متعارف

ڪيليفورنيا: واٽس ايپ ۾ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن ذريعي صارفين اڻڄاتل نمبرن تان ايندڙ فون ڪالز کي ميوٽ ڪري سگهندا.
ميٽا طرفان جاري ڪيل بيان موجب واٽس ايپ ۾ اڻڄاتل نمبرن تان ايندڙ ڪالز کي پاڻمرادو ميوٽ ڪرڻ واري فيچر جو واڌارو ڪيو ويو آهي

ڪمپني موجب نئين فيچر تحت ميسجنگ ايپ ۾ صارفين جي پرائيويسي وڌيڪ محفوظ ٿي ويندي.
هي فيچر ڪيئي هفتن کان بيٽا ورزن ۾ موجود هو ۽ هاڻي سمورن صارفين لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي.
ان فيچر سان گڏ واٽس ايپ ۾ پرائيويسي چيڪ اَپ نالي هب جو به واڌارو ڪيو پيو وڃي.
پرائيويسي چيڪ اَپ ۾ صارفين سموري پرائيويسي سيٽنگز کي هڪ ئي جاءِ تي سولائي سان ڏسي پنهنجي مرضي موجب سيٽ ڪري سگهندا.
پرائيويسي چيل اَپ وارو فيچر فلحال محدود صارفين کي دستياب آهي.
اڻڄاتل نمبرن تان ايندڙ ڪالز ميوٽ ڪيئن ڪجن؟
ان فيچر جو استعمال تمام سولو آهي پر ان کان پهرين پنهنجي فون تي واٽس ايپ کي گوگل پلي اسٽور يا ايپل ايپ اسٽور تي وڃي اَپ ڊيٽ ڪريو.
اَپ ڊيٽ ڪرڻ کانپوءِ واٽس ايپ کي اوپن ڪريو ۽ سيٽنگز ۾ وڃو.
سيٽنگز ۾ پرائيويسي تي ڪِلڪ ڪرڻ ۽ اتي ڪالز واري آپشن ۾ وڃي Silence Unknown Callers کي اِن ايبل ڪري ڇڏيو.
هن فيچر کي اِن ايبل ڪرڻ کانپوءِ جڏهن به ڪنهن اڻڄاتل نمبر تان اوهان جي واٽس ايپ اڪائونٽ تي ڪال ڪئي ويندي ته رنگ ٽون ٻڌڻ ۾ نه ايندي.
ڄاڻايل فيچر اوهان لاءِ مددگار ثابت ٿيندو ڇاڪاڻ جو اوهان کي بار بار اڻڄاتل ماڻهن جي واٽس ايپ ڪالز جو جواب نه ڏيڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔