پي ٽي آءِ چيئرمين سميت ٻين اڳواڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

لاهور: دهشتگردي جي انت واري عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، ميان اسلم اقبال ۽ حماد اظهر سميت ٻين اڳواڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

عدالت جاچ آفيسر جي استدعا تي پي ٽي آءِ چيئرمين سميت ٻين پي ٽي آءِ اڳواڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. جوابدارن خلاف نصيرآباد ٿاڻي ۽ ماڊل ٽائون پوليس ڪنٽينر ساڙڻ ۽ ماڊل ٽائون ۾ مسلم ليگ(ن) جي آفيس ۾ ڀڃ ڊاهه جا ڪيس داخل ٿيل آهن

ان کان اڳ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾  پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر خلاف ترنول ٿاڻي ۾ داخل ڪيل ڪيسن ۾ ضمانت جون درخواستون رد ڪيون ويون هيون.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔