سپريم ڪورٽ ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري خلاف درخواست 7 سالن کان پوءِ غير موثر قرار ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري خلاف جماعت اسلامي جي درخواست 7 سالن کان پوءِ غير موثر قرار ڏئي ڇڏي آهي. عدالت سڳوري جماعت اسلامي جي نجڪاري خلاف نيپرا يا ڪونسل آف ڪامن انٽرسٽ سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس چيو ته اوهان کي نجڪاري خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان نه پيا روڪيون. جسٽس اطهر من الله چيو ته اوهان کي  اهي معاملا  پارليامينٽ ۾ کڻي وڃڻ گهرجن. 184 تحت اها درخواست ٻڌڻ جوڳي نه آهي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ  ڪي اي ايس سي(ڪي اليڪٽرڪ) نجڪاري ۽ اووربلنگ خلاف جماعت اسلامي جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

چيف جسٽس رشيد اي رضوي کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان درخواست هلائڻ چاهيو ٿا؟ جنهن تي رشيد رضوي جواب ڏنو جي ها اها درخواست اڄ به موثر آهي. 2 ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي جو شهر متاثر ٿي رهيو آهي. اوهان ڪراچي وارن کان پڇو انهن تي ڇا گذري رهي آهي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اهو اسان جو ڪنسرن نه آهي. اوهان کي قانون کي  ڏسڻو آهي. پارليامينٽ معزز ادارو آهي ان کي مضبوط ڪريو، اسان کي پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ گهرجي. جسٽس اطهر من الله چيو ته ماضي ۾ ڪيتريون ئي شيون اهڙيون هونديون آهن جيڪي نه ٿيڻ گهرجن . ريڪوڊڪ ڪيس ۽ اسٽيل ملز جهڙا ڪيس به ٿيا. جماعت اسلامي معتبر پارٽي آهي. اوهان کي اهي معاملا پارليامينٽ ۾ کڻي وڃن گهرجن. 184 جي تحت اها درخواست ٻڌڻ جوڳي نه آهي

جسٽس عاشه ملڪ پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته اسان نجڪاري کي ڪيئن ملتوي ڪريون؟ اوهان کي اهي معاملا نيپرا آڏو اٿارڻ گهرجن. چيف جسٽس چيو ته اوهان کي نجڪاري خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان نه پيا روڪيون. اوهان کي لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪرڻ گهرجي. نيشنل پاليسي تحت ادارن جو نجڪاري جو فيصلو ٿيو. نجڪاري جو مقصد معيشت کي مضبوط ڪرڻ هو.

جسٽس عمر عطا بنديال وڌيڪ چيو ته اڪانومنڪ ميٽر کي اسان هٿ نٿا لڳائڻ چاهيون جنهن تي رشيد اي رضوي چيو ته پوءِ اسان کي نيپرا وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي. چيف جسٽس چيو ته نيپرا ۽ ٻين فورمز تي وڃڻ اوهان جو حق آهي.

سپريم ڪورٽ ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري خلاف جماعت اسلامي جي درخواست 7 سالن کان پوءِ غير موثر قرار ڏئي ڇڏي. عدالت سڳوري جماعت اسلامي کي نجڪاري خلاف نيپرا يا ڪونسل آف ڪامن انٽرسٽ سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي جنهن کان پوءِ رشيد اي رضوي ڪي اي ايس سي نجڪاري خلاف جماعت اسلامي جي درخواست واپس وٺي ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔