عيدالاضحيٰ تي سرڪاري ملازمن کي 5 موڪلون ملڻ جو امڪان

ڪراچي: عيدالاضحيٰ جي موقعي تي سرڪاري ملازمن کي 5 موڪلون ملڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي 29 جون تي عيدالاضحيٰ ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. جيڪڏهن عيدالاضحيٰ 29 جون تي ٿئي ٿي ته پوءِ سرڪاري ملازمن کي اربع 28 جون کان 2 جولاءِ 2023 تائين 5 موڪلون ملڻ جو امڪان آهي.

ان حوالي سان حتمي حڪم ذوالحج جي چنڊ جي رويت کان پوءِ حڪومت جاري ڪندي. ٻئي طرف سرڪاري ملازمن کي پگهار ۽ پينشن جي ادائيگي به وقت کان اڳ ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔