سنڌ ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر شپ لاءِ اميدوارن جي نالن جو اعلان

ڪراچي: پيپلزپارٽي مرتضيٰ وهاب کي ڪراچي جو ميئر ۽ سلمان مراد کي ڊپٽي ميئر نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪاشف شورو کي حيدرآباد جي ميئر ۽ صغير قريشي ڊپٽي ميئر شپ لاءِ نامزد ڪيو ويو

نثار کهڙو موجب ارسلان شيخ سکر جو ميئر ۽ ڊاڪٽر ارشد مغل ڊپٽي ميئر نامزد ٿيا آهن،  ميرپور خاص جو ميئر عبدالرئوف غوري ۽ ڊپٽي ميئر جنيد بلند هوندا

لاڙڪاڻي جي ميئر شپ لاءِ انور علي لهر ۽ امين شيخ کي ڊپٽي ميئر طور نامزد ڪيو ويو آهي

نثار کهڙو موجب قاضي رشيد کي بينظير آباد جي ميئر ۽ مبشر آرائين ڊپٽي ميئر لاءِ نامزد ڪيو ويو

پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو ميئر، ڊپٽي ميئر، چيئرمين، ڊپٽي چيئرمين جي عهدن لاءِ نامزدگين جو اعلان ڪري ڇڏيو

گڏاپ ٽائون لاءِ چيئرمين طارق بلوچ ۽ وائيس چيئرمين لاءِ ڄام محمد جوکيو کي نامزد ڪيو ويو آهي

ابراهيم حيدري ٽائون لاءِ نذير ڀٽو چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين لاءِ رفيق جت کي نامزد ڪيو ويو، ملير ٽائون جي چيئرمين لاءِ جان محمد بلوچ ۽ وائيس چيئرمين لاءِ مزمل شاهه کي نامزد ڪيو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔