ڪنهن جج کي ڪيس تان هٽائڻو آهي ته اُن جي آڊيو ٺاهي ڇڏيو: چيف جسٽس

اسلام آباد: چيف جسٽس عمر عطا بنديال جا آڊيو ليڪس ڪميشن ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته واهه ڇا خوبصورت طريقو آهي ۽ عدليه سان ڇا انصاف ڪيو ويو آهي؟ پهرين آڊيوز ذريعي ججز تي ٺٺوليون ڪيون ويون، پوءِ چيو ويو ته هاڻي انهن آڊيوز جي سچي هئڻ جي تصديق ٿا ڪرايون

چيف جسٽس چيو ته سوال اهو آهي ته هي آڊيوز ڪنهن پلانٽ ڪيون، ڇا حڪومت پتو لڳايو ته آڊيوز ريڪارڊ ڪٿان کان ۽ ڪيئن ٿي رهيون آهن؟ اهو سڀ ڪجهه ڪير ڪري رهيو آهي؟

اٽارني جنرل چيو ته مان پهرين بينچ جي جوڙجڪ تي دليل ڏيندس، چيف جسٽس چيو ته ڇا توهان ان پوائنٽ تي پيا وڃو ته اسان مان 3 جج تڪراري آهن؟ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ توهان کي ٻڌائڻو پوندو ته توهان ڪهڙي بنياد تي اهو فرض ڪري ورتو ته اسان مان ٽن ججن جو مفادن جو ٽڪراءُ آهي

اٽارني جنرل چيو ته آڊيو ليڪس مان هڪ چيف جسٽس جي سس بابت آهي، وفاقي حڪومت حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ ئي ڪميشن ٺاهي آهي

جسٽس منيب اختر پڇيو ته ڇا وفاق کي خبر ناهي ته آڊيوز تصديق ٿيل آهن يا نه؟ وفاقي گهرو وزير آڊيوز تي ته پريس ڪانفرنس به ڪري چڪو آهي، پريس ڪانفرنس دوران ڪجهه آڊيوز هلايون به ويون آهن، ڇا اهو قانوني طور درست آهي ته جنهن کي آڊيوز جي حقيقت جي خبر ئي نه آهي اهو بينچ تي اعتراض اٿاري؟ گهرو وزير پريس ڪانفرنس ڇو ڪئي؟ ڇا اهڙي لاپرواهي جو مظاهرو ڪري سگهجي ٿو؟ اهڙي بيان کانپوءِ ته هن وزير کي هٽايو وڃي ها يا هو استعيفا ڏئي ها

اٽارني جنرل چيو ته ڇا هڪ وزير جو بيان سموري حڪومت جو بيان تصور ڪري سگهجي ٿو؟ جسٽس منيب اختر چيو ته ائين ته پوءِ ڪنهن به جج کي هٽائڻ آسان ٿي ويندو، ڪنهن جج کي ڪيس تان هٽائڻو آهي ته ان جي نالي سان آڊيو ٺاهي ڇڏيو، ڪيس کان ڌار ٿيڻ پٺيان قانوني جواز هوندا آهن، ائين ناهي ته ڪير به اچي چئي ڇڏي ته جج صاحب فلاڻو فلاڻو ڪيس نه ٻڌي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔