هٿرادو ذهانت خطرناڪ: ڊرون پنهنجي آپريٽر جو خون ڪري ڇڏيو

واشنگٽن: آمريڪي فوج جي هڪ ورچوئل ٽيسٽ دوران آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ٽيڪنالوجي سان ليس ڊرون پنهنجو هدف حاصل ڪرڻ ۾ رنڊڪ بڻجندڙ آپريٽر کي ئي مارڻ جو فيصلو ڪري ورتو

آمريڪي فضائيا جي اي آءِ ٽيسٽ اينڊ آپريشنز جي سربراهه ڪرنل Tucker Hamilton ٻڌايو ته ورچوئل ٽيسٽ دوران اي آءِ ٽيڪنالوجي پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ غير امڪاني حڪمت عمليون اختيار ڪيون. اها ٽيسٽ مئي ۾ لنڊن ۾ هڪ دفاعي ڪانفرنس دوران ڪئي وئي هئي

فوجي عهديدار ٻڌايو ته ورچوئل ٽيسٽ دوران اي آءِ ٽيڪنالوجي سان ليس ڊرون کي دشمن جي فضائي دفاعي نظام کي تباهه ڪرڻ جو چيو ويو هو ۽ هر ان فرد تي حملا شروع ڪري ڏنا جيڪي ان حڪم وچ ۾ رنڊڪ بڻيا

هن چيو ته اسان اي آءِ سسٽم کي چيو ته آپريٽر کي نه مار، اهو ٺيڪ ناهي، ڊرون ان ٽاور کي تباهه ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو جنهن کي آپريٽر ڊرون کي هدف بڻائڻ کان روڪڻ لاءِ استعمال ڪري رهيو هو. واضح رهي ته ان ٽيسٽ ۾ ڪنهن به حقيقي فرد کي نقصان نه پهتو. ڪرنل Tucker Hamilton خبردار ڪندي چيو ته اي آءِ تي ڀاڙڻ ٺيڪ ناهي ۽ ٽيسٽ مان ثابت ٿئي ٿو ته اوهان اي آءِ سسٽم سان نٿا ڳالهائي سگھو

آمريڪي فوج طرفان اي آءِ ٽيڪنالوجي کي تازو ئي ايف 16 ويڙهاڪ جهاز ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو هو. گذريل مهيني هڪ انٽرويو ۾ ڪرنل Tucker Hamilton چيو هو ته اي آءِ ٽيڪنالوجي اسان جي معاشري ۽ فوج کي هميشه لاءِ تبديل ڪري ڇڏيندي. سندس چوڻ هو ته اسان کي هڪ اهڙي دنيا کي منهن ڏيڻو پوندو جتي اي آءِ ٽيڪنالوجي معاشري کي تبديل ڪري رهي هوندي، ان کي دوکو ڏيڻ گھڻو سولو آهي ۽ اسان کي اهڙا ذريعا تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪي اي آءِ ٽِيڪنالوجي کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگھن

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔