ملڪ شهزاد، سبين گل ۽ شازيه عباسي به پي ٽي آءِ ڇڏي ويا

تحريڪ انصاف جون وڪيٽون ڪرڻ جو سلسلو جاري، سنڌ مان چونڊيل ايم پي اي ملڪ شهزاد پاران پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

 ملڪ شهزاد ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي عبرتناڪ سزائون ڏنيون وڃن، ڪور ڪمانڊر هائوس تي حملي ۽ ايم ايم عالم جي يادگار کي نقصان پهچائڻ جي مذمت ڪيان ٿو

هن چيو ته اڄ کان پي ٽي آءِ سان لاتعلقي جو اعلان ڪيان ٿو، پي ٽي آءِ سان ڪو به هاڻ واسطو ناهي، پاڪ فوج سان گڏ آهيون

 پي ٽي آءِ جي ملتان چونڊيل اڳوڻي ايم پي اي سبين گل پاران به پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيوويو، پي پي 222 جي تڪ تي پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ هولڊر شازيه عباسي به تحريڪ انصاف ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔