سنڌ ڪابينا: ڊاڪٽرز جي ترقين، بدين اسپتال جو نالو تبديل ڪرڻ سميت اهم فيصلن جي منظوري

ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مختلف فيصلن جي منظوري ڏني وئي آهي

اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، مڪيش ڪمار، صلاحڪار، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر شريڪ ٿيا

سنڌ ڪابينا سول اسپتال بدين کي ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي نالي سان منسوب ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

سنڌ ڪابينا سنڌ ورڪرز ويلفيئر فنڊ ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته ڪابينا جناح اسپتال جون  مختلف جايون  اپگريڊ ڪرڻ  جي منظوري پڻ ڏني

سنڌ ڪابينا سنڌ پروٽيڪشن اينڊ پروموشن آف برسٽ فيڊنگ اينڊ ينگ چائلڊ نيوٽريشن ايڪٽ 2023 جي منظوري ڏئي ڇڏي

سنڌ ڪابينا اهل ڊاڪٽرز کي  اسپيشلسٽ لڳائڻ جي به  منظوري ڏئي ڇڏي، سنڌ ڪابينا صحت کاتي کي  60 ايمبولنسز خريد ڪرڻ جي  به منظوري ڏئي ڇڏي

ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته 60 ايمبولنسز ۾ 30 موبائل ميڊيڪل وين  ۽ 5 موبائل ليب هونديون، اهي ايمبولنسز  ريسڪيو 1122 کي فراهم ڪيون وينديون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔