معاشي معاملن ۾ مهارت نه آهي، مداخلت نه ڪنداسين: چيف جسٽس

ڪراچي: چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته اسان کي معاشي معاملن ۾ مهارت نه آهي، نه اسان معاشي معاملن ۾ مداخلت ڪري سگهون ٿا

جماعت اسلامي جي ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪراچي رجسٽري ۾ درخواست تي ٻڌڻي هلائي

 جسٽس اطهر من الله چيو ته هي پاليسي ميٽر آهي، هي معاملو عدالت جي اختيار ۾ نه آهي، منهنجو خيال آهي ته توهان کي پهرين واڳيل فورم تي وڃڻ گهرجي، جسٽس عائشه ملڪ چيو ته هاڻي ته اداري جي نجڪاري ٿي چڪي آهي، ادارو ڪافي عرصي کان ڪم به ڪري رهيو آهي

 چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته نجڪاري کي 18 سال ٿي چڪا آهن، ڪيتريون ئي اڳڀرائيون ٿي چڪيون آهن، توهان پنهنجي درخواست کي اپڊيٽ ڪري پهرين سنڌ هاءِ ڪورٽ وڃو

ٻئي پاسي جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ڪراچيءَ جو ميئر جماعت اسلامي جو ئي ٿيندو، پيپلزپارٽي پنهنجي اڪثريت ثابت نه ڪري سگهندي

 جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته ڪراچي جو سڀ کان وڏو مسئلو بجلي آهي، لوڊشيڊنگ ۽ اوور بلنگ ٿي رهي آهي

هن چيو ته ڪي اي ايس سي جي نجڪاري بابت اسان جي درخواست سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، ڪراچي ۾ 2015 جي هيٽ ويو دوران بجلي بند هئڻ سبب ڪيترائي شهري حياتيون وڃائي ويٺا هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔