سموري ملڪ ۾ چونڊون هڪ ئي وقت ڪرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي شروع

اسلام آباد: ملڪ ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون هڪ ئي وقت ڪرائن ۽ 4 اپريل جي فيصلي تي عمل ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ۾ جاري آهي.

4 اپريل تي 3 رڪني بينچ حڪومت کي 27 اپريل تائين چونڊن جي لاءِ 21 ارب روپين جا فنڊز  ڏيڻ جي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي. چونڊن جي لاءِ 21 ارب روپيه جاري ڪرڻ جي ٽئين مهلت به گذري وئي آهي سپريم ڪورٽ حڪومت کان فنڊز جاري ڪرڻ جي رپورٽ اڄ طلب ڪري رکي آهي.

20 اپريل تي ٻڌڻي جي موقعي تي سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ ۽ حڪومت کي ڳالهين جو موقعو ڏنو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو تبديل نه ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔