هٿياربند فوج خلاف مهم هلائيندڙ ڪجهه ماڻهو سياسي آهن: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي: ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي هٿياربند فوج خلاف مهم هلائيندڙ ڪجهه ماڻهو سياسي آهن ۽ ڪجهه جو دشمن ايجنسيز وارو ايجنڊا آهن.

راولپنڊي ۾ اهم پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪ فوج جي لاءِ سموريون سياسي شخصيتون ۽ سياسي پارٽيون احترام جوڳيون آهن. آرمي چيف چٽو چئي چڪو آهي ته پاڪستان جي عوام ئي اصل طاقت آهي ۽ پاڪ فوج هڪ قومي فوج آهي. پاڪ فوج سمورن مذهب، ملڪن، علائقن ۽ نسلن جي نمائندگي ڪندي آهي

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪ فوج ۽ حڪومت وچ ۾ آئيني تعلق آهي، ڪنهن به ملڪ ۾ فوج طرفان ڪنهن هڪ سياسي يا مذهبي گروپ خلاف ڪارروائي جو نتيجو انتشار ئي نڪرندو آهي.

ڪشمير بابت سوال تي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڪشمير جي عالمي مڃيل حقيقت آهي جنهن کي ڪير به تبديل نٿو ڪري سگهي. ڪشمير ڪڏهن به ڀارت جو حصو نه رهيو آهي ۽ نه ئي وري رهندو. آپريشنل تيارين تي ڪنهن کي شڪ آهي ته فيبروري 2019 سامهون آهي ۽ فيبروري 2019 ۾ پلوامه حملو باقاعده منصوبه بندي تحت ڪيو ويو. پاڪستان ۽ ڀارتي جي دفاعي بجيٽ ۾ فرق ڪنهن کان لڪيل نه آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پشاور پوليس لائنز مسجد تي آپگهاتي حملو پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جي حڪمن تي جماعت الااحرار ڪيو. پشاور مسجد تي حملو ڪندڙن جو تعلق قندوز افغانستان ان هو، پشاور حملي جي لاءِ دهشتگرد عبدالبصير حملي آور کي افغانستان ۾ تربيت ڏني. نمازين جو انگ گهٽ هجڻ سبب پشاور حملي کي 2 ڀيرا ملتوي ڪيو ويو.

سوالن ۽ جوابن کان اڳ ميڊيا کي بريفنگ ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته پاڪ فوج پرعزم آهي ته عوام جي تعاون سان اسان هر  چئلينج تي ڪنٽرول ڪري وٺنداسين. پريس ڪانفرنس جو مقصد پاڪ فوج جي پيشوارانه سرگرمين ۽ تازي دهشتگردي خلاف کنيل قدمن بابت آهي. پريس ڪانفرنس ۾ هلندڙ سال دوران سيڪيورٽي ۽ دهشتگردي جي اهم معاملن تي روشني وڌي وئي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔