آدم شماري جي آخري تاريخ بابت ڳڻپ کاتي جو اَپ ڊيٽ جاري

اسلام آباد: ڳڻپ کاتي آدم شماري جي آخري تاريخ ۾ چوٿون ڀيرو واڌ ڪندي آدم شماري جي آخري تاريخ 30 اپريل مقرر ڪري ڇڏي آهي.
ڳڻپ کاتي موجب ڪجهه ضلعن ۾ گروٿ ريٽ ۽ ڊيٽا جي تصديق جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب آدم شماري جي آخري تاريخ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، ڪجهه وڏن شهرن ۾ آبادي ۾ گهٽتائي ۽ گهٽ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ آباد ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
شماريات کاتي ٻڌايو ته لاهور، راولپنڊي، اسلام آباد، حيدرآباد، ڪوئيٽا ۾ به آبادي ۾ گهٽتائي يا گهٽ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، جهلم، گجرات، اٽڪ ۽ پشاور ۾ ڊيٽا جي تصديق وارو عمل جاري آهي.
شماريات کاتي طرفان، پشاور، ڊي آءِ خان، ايبٽ آباد ۽ ٽانڪ ۾ ڊيٽا جي تصديق سبب تاريخ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.
ياد رهي ته آدم شماري ۾ پهريان 10 اپريل، ٻيو ڀيرو 15 اپريل ٽيون دفعو 20 اپريل تائين واڌ ڪئي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔