چيف جسٽس عمر عطا بنديال سميت 8 ججن خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل

چيف جسٽس سميت سپريم ڪورٽ جي 8 ججن خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي

ميان دائود ايڊووڪيٽ پاران داخل ڪرايل ريفرنس ۾ آئين جي ارٽيڪل 209 ۽ ججز ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي شڪ 3 کان 6 ۽ 9 کي بنياد بڻايو ويو آهي

ريفرنس ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال جسٽس اعجاز الحسن جسٽس منيب اختر جسٽس مظاهر نقوي جسٽس محمد علي مظهر جسٽس عائشه اي ملڪ  جسٽس حسن اظهر رضوي  جسٽس ساهد وحيد جا نالا شامل آهن

ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته پارليامينٽ جي منظور ڪيل بل کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري اختيار اورانگهيا ويا آهن پارليامينٽ جي بل جي ٻڌڻي لاءِ 8 رڪني غيرآئيني بينچ جوڙي وئي آهي

ريفرنس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل خلاف عبوري حڪم آئين جي خلاف ورزي آهي

ججز خلاف ريفرنس جي ڪاپي جستس قاصي فائز عيسيٰ  جسٽس طارق مسعود  جستس منصور علي شاهه کي پڻ اماني وئي آهي جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽسز کي به اماڻي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔