ڊجيٽل آدمشماري بابت سنڌ جي اعتراضن جي جائزي لاءِ ڪميٽي قائم

  ڊجيٽل آدمشماري بابت سنڌ جي اعتراضن جي جائزي لاءِ رٿابندي کاتي جي سيڪريٽري جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي .وفاقي سرڪار ڪميٽي جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، اڄ رات 8 وڳي ڪميٽي جو پهريون اجلاس ٿيندو . چيف سيڪريٽري سنڌ سوڌو لاڳاپيل عملدارن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي، اجلاس ۾ ڊجيٽل آدم شماري بابت سنڌ جي خدشن جو جائزو ورتو ويندو

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي ٽن ڏينهن تائين اعتراضن جو جائزو وٺڻ بعد رپورٽ پيش ڪندي

 سنڌ سرڪار سوڌو صوبي جي سياسي پارٽين، سول سوسائٽي ۽ سڄاڻ ڌُرين ڊجيٽل آدمشماري تي خدشن جو اظهار ڪيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔