ڊالر ۾ لاٿ جاري : 292.90 رپين تي پهتو: سون پڻ 500 رپيا سستو

ڪراچي :ڊالر  ۾ لاٿ جاري : 292.90 رپين تي پهتو: سون 500 رپيا سستو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾سون 500 رپيا لاٿ سان 218000 مان 217500 رپيا في تولو ٿي ويو

جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾سون 71.25 ڊالرن جي رڪارڊ واڌ سان 2186 ڊالر في آئونس جي بلند سطح تي پهچي ويو، هوڏانهن چاندي 10 رپيا لاٿ سان 2230 مان 2220 رپيا في تولو ٿي وئي

ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 1.10 رپيا لاٿ سان 294 مان 292.90  ۽ انٽر بينڪ ۾ 1.70 رپيا گھٽتائي سان 284.91 رپين تي بند ٿيو  ، هوڏانهن پائونڊ 3 رپيا لاٿ سان 365 مان 362 ۽ يورو پڻ 3 رپيا گهٽتائي سان 318 مان 315 رپيا ٿي ويا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔