دادو ۾ ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو جي نوجوان ڀائيٽي جو گهر مان لاش هٿ

دادو: دادو ۾ ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو جي نوجوان ڀائيٽي جو گهر اندر پکي ۾ ٽنگيل تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي. جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

اطلاع تي اي سيڪشن پوليس واقعي واري هنڌ پهچي 2 ٻارڙن جي ماءُ ساجده چانڊيو جو لاش اسپتال منتقل ڪرڻ کان پوءِ سندس مڙس ناصر لنڊ کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري ورتو.

ان سلسلي ۾ مقتولا عورت جي ڀاءُ نبيل چانڊيو چيو آهي ته ڀيڻ کي سندس مڙس ناصر لنڊ قتل ڪري سندس لاش پنکي ۾ ٽنگي واقعي کي آپگهات جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. نبيل چانڊيو جو چوڻ آهي ته ڀيڻ جي جسم تي تشدد جا نشان آهن، پوليس گرفتار ٿيل ڀيڻ جي مڙس کان پڇاڳاڇا ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔