سپريم ڪورٽ: عدالتي سُڌارن واري بِل تي عملدرآمد نه ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ پارليامينٽ مان منظور ٿيل عدالتي سُڌارن واري بِل تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ لارجر بئنچ پاران بل خلاف درخواستن تي اڄوڪي ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪنامو جاري ڪيو ويو آهي

عبوري حڪم ۾ عدالت چيو آهي ته بادي النظر ۾ بِل عدليه جي آزادي ۽ اندروني معاملن ۾ مداخلت برابر آهي، عدالت کي عدليه، خاص ڪري سُپريم ڪورٽ جي ادارتي آزادي جو فڪر آهي

عبوري حڪم موجب ازالو نه ٿيڻ جوڳي نقصان کان بچڻ لاءِ اسٽي آرڊر ضروري آهي، صدر صحي ڪري يا نه، ٻنهي صورتن ۾ بل ايندڙ حڪنامي تائين لاڳو نه ٿيندو، سياسي پارٽيون چاهين ته ڪيس ۾ ڌُر ٿي سگهن ٿيون

عدالت ترميمي بِل جي آئيني حيثيت جو جائزو وٺندي، ڇا مقننه کي سُپريم ڪورٽ جي رولز ۾ ڦيرڦار جو اختيار آهي؟

دالت جي پريڪٽس ۽ پروسيجر ۾ ڦيرڦار ڪيتري به ضروري هجي، اُهو عدالتي آزادي کي متاثر ڪري ٿو، اِن بل يا ايڪٽ کي آئين موجب هجڻ گهرجي

سُپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجرل بِل خلاف درخواستن تي ٻڌڻي 2 مئي تائين ملتوي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔