لاهور: اي ٽي سي عدالت عمران خان کي 4 مئي تائين گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

لاهور: اي ٽي سي لاهور جي عدالت 2 ڪيسن ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي ضمانت ۾ 4 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي.

لاهور جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ڀڃ ڊاهه، باهيون، پوليس تي تشدد، قتل ۽ قتل جي ارادي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.  جنهن ۾ اي ٽي سي عمران خان کي 4 مئي تائين گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.

ان کان اڳ اي ٽي سي لاهور عمران خان کي اڄوڪي ٻڌڻي لاءِ وڊيو لنڪ تي حاضري جي اجازت ڏني هئي. اي ٽي سي لاهور عمران خان کي هڪ ڏينهن جي وڊيو لنڪ جي استدعا منظور ڪئي.

عدالت تحريڪ انصاف جي ٻين اڳواڻن فرخ حبيب، فواد چوڌري، حماد اظهر، محمودالرشيد، اعجاز چوڌري جي عبوري ضمانت به 4 مئي تائين منظور ڪري ورتي.

اي ٽي سي عدالت جي جج اعجاز احمد بٽر عبوري ضمانت تي ٻڌڻي جي شروعات ڪئي جنهن ۾ عمران خان جي وڪيل بيرسٽر سلمان صفدر دليل ڏنا هن چيو ته عمران خان اڳوڻو وزيراعظم آهي ان جي وڊيو لنڪ ذريعي حاضري لڳائي وڃي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن مون کي دليل ٻڌي اوهان جي موڪل جي ضمانت رد ڪرڻي پئي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ يا مون کي ان کي گرفتار ڪرائڻو پيو ته ڪيئن ڪرائيندس؟ وڪيل چيو ته اسان انڊر ٽيڪنگ ڏئي رهيا آهيون ته عمران خان سرنڊر ڪندو ۽ جاچ  ۾ به شامل ٿيندو. عمران خان کي پيش ڪندا آهيون ته شيلڊ لڳايا ويندا آهن ۽ سيڪيورٽي رسڪ هوندو آهي.

جج ريمارڪس ڏنا ته اهڙو ڪهڙو خاص ڪم هن ڪيو آهي جو کيس سيڪيورٽي ٿريٽس آهن. نوازشريف، شاهد خاقان عباسي ۽ ٻيا اڳوڻا وزيراعظم به آهن اهي ته هلي گهمي رهيا آهن جنهن تي وڪيل چيو ته جيڪڏهن عدالت حڪم ڏيندي ۽ سختي ڪندي ته اسان عمران خان کي پيش ڪنداسين.

ٻڌڻي دوران وڪيلن ٿريٽ جي ڪاپي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي ۽ چيو ته عمران خان ملڪ ڇڏي نه پيو وڃي هو ڪيسن کي منهن ڏيندو رهيو آهي. محترمه بينظير ڀٽو جي قتل کي به پوليس اڄ تائين منهن ڏئي رهي آهي جنهن کان پوءِ عدالت عمران خان جي وڊيو لنڪ ذريعي حاضري جي استدعا هڪ ڏينهن جي منظوري ڪندي سندس عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔