پاڪستان ۾ عيدالفطر ڇنڇر 22 اپريل تي ٿيندي

ڪراچي: فلڪياتي ماهرن پاڪستان ۾ عيدالفطر ڇنڇر 22 اپريل تي ٿيندي. فلڪياتي ماهرن موجب 20 اپريل تي خميس ڏينهن سج گرهڻ ٿيندي، جيڪا صبح ساڍي 6 وڳي کان شروع ٿي منجهند 12 وڳي ختم ٿيندي. فلڪياتي حساب سان سج گرهڻ چنڊ جي 29 تاريخ تي ٿيندي آهي ۽ ايندڙ ڏينهن نئون چنڊ نظر ايندو آهي، تنهن ڪري 20 اپريل تي جن ملڪن ۾ سج گرهڻ ڏٺي ويندي، انهن ملڪن ۾ نئون چنڊ قطعي نظر نه ايندو، تنهن ڪري پاڪستان ۾ عبدالفطر 22 اپريل ڇنڇر تي ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔