عدالتي سڌارن واري بل خلاف درخواستون: صدر، وزيراعظم ۽ بار ڪائونسلز کي نوٽيس جاري

سپريم ڪورٽ جي 8 رڪني بينچ عدالتي سڌارن واري بل خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ۾ چيو ته اسان کي جائزو وٺڻو آهي ته ڪا آئيني ڀڃڪڙي ته نه ٿي آهي، صدر، وزيراعظم ۽ بار ڪائونسلز کي نوٽيس جاري ڪيو ويو

ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي درخواست گذار راجا عامر جي وڪيل امتياز صديقي دليل ڏيندي چيو ته عدليه ۽ ججز تي ذاتي تنقيد ڪئي وئي، ان جا ذميوار حڪومتي وزير ۽ پارليامينٽ جا ميمبر آهن، قانونسازي ذريعي عدليه جي آزادي ۾ مداخلت ڪئي وئي

چيف جسٽس جو چوڻ هو ته  آرٽيڪل 191 تحت سپريم ڪورٽ پنهنجا روز پاڻ ٺاهيندي آهي، عدالت پارليامينٽ جو منظور ڪيل ڪالعدم قرار ڏئي سگهي ٿي، عدالت ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

 چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٻڌڻي هلائيندڙ لارجر بينچ ۾ جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس اعجاز الاحسن، عائشه ملڪ، جسٽس شاهد وحيد، جسٽس منيب اختر، جسٽس مظاهر نقوي ۽ جسٽس اظهر رضوي شامل آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔