ناڻي واري وزارت پاران چونڊن لاءِ فنڊز ڏيڻ کان انڪار

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت قائمه ڪميٽي اجلاس ۾ مني بل اتفاق راءِ سان رد ڪري ڇڏيو.

ناڻي واري وزارت پنجاب ۾ چونڊن لاءِ فنڊز جي فراهمي کان معذرت ڪري ورتي. ناڻي بابت مملڪتي وزير عائشه غوث چيو ته ملڪ جي مڪمل مالي صورتحال اوهان جي سامهون رکي ڇڏي آهي. اسان آءِ ايم ايف پروگرام ۾ آهيون، مالي خسارو حدف ۾ رکڻ جا پابند آهيون. اسان وٽ فنڊن جي کوٽ آهي.

مملڪتي وزير چيو ته پيٽروليم سبسڊي اسڪيم هئي پر ان تي عمل ڪرڻ جو ڪوبه طريقيڪار نه آهي. آءِ ايم ايف کي ٻڌايو آهي ته طريقيڪار تيار ڪندو ته اعتماد ۾ ورتو ويندو.

وجيهه قمر چيو ته هن وقت ناڻي جي صورتحال عوام جي سامهون آڻڻ جي ضرورت آهي ان موقعي تي سيد حسين طارق چيو ته ناڻي واري وزارت قائمه ڪميٽي کي ٻڌائي ته هو پئسا ڏئي سگهي ٿي.

خالد مگسي چيو ته مالي پريشانين دوران ٻوڏ سبب متاثر بلوچستان ۽ سنڌ کي امداد ناهي ملي. قيصر احمد شيخ چيو ته ملڪ هن وقت تاريخ جي بدترين معاشي بحران مان گذري رهيو آهي. جيڪڏهن ناڻي وارو وزير نه آيو ته مان چيئرمين شپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس. گذريل هڪ سال کان نيشنل بينڪ ۽ زرعي ترقياتي بئنڪ جو سربراهه مقرر ناهي ڪيو ويو.

ان موقعي تي هرجيس طاهر چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه  ۾ چونڊن لاءِ فنڊز جي فراهمي کي رد ڪريون ٿا. اسان اليڪشن ڪميشن کي اهڙين حالتن ۾ پئسا نٿا ڏئي سگهون. سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ٻڌي وٺي ته اوهان جي لاءِ پئسا نه آهن. چونڊون هڪ وقت ۾ ڪرايو ٻئي صورت ۾ ننڍن صوبن ۾ احساس محرومي وڌندي. صرف پنجاب ۾ چونڊون ملڪ ۽ معيشت جي لاءِ خطرو آهن. سپريم ڪورٽ جي 8 ججز کي صرف پنجاب ۾ چونڊن جي فڪر آهي.

ڪميٽي جي چيئرمين پڇيو ته ڇا ماضي ۾ به اهڙو مني بل آيو؟ ان جي هاڻ ڇو ضرورت پيش آئي؟ ان تي قانون واري وزارت جي اختيارين ٻڌايو ته مني بل پارليامينٽ ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت قائمه ڪميٽي ۾ پيش ٿي ويندو آهي.

ڪميٽي جي چيئرمين قيصر احمد شيخ چيو ته گذريل 10 سالن کان مون ته ائين ٿيندي ناهي ڏٺو، ڪميٽي ڪوبه حڪومتي بل تڏهن منظور ڪندي آهي جڏهن ناڻي وارو وزير پاڻ اچي بريف نٿو ڪري. ناڻي وارو وزير اجلاس ۾ اچي ڪميٽي کي بريف ڪري ۽ سوالن جا جواب ڏئي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔