ڪراچي ۾ ڪورونا جا ڪيس وڌڻ لڳا، وڌيڪ 26 ڄڻن ۾ وائرس جي سڃاڻپ

ڪراچي:

ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيس هڪ دفعو ٻيهر وڌڻ لڳا، گذريل هڪ ڏينهن دوران 29 ڄڻن ۾ وائرس جي سڃاڻپ ٿي، 4 مريضن جي حالت ڳڻتي

جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
سنڌ جي صحت کاتي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 113 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 26 ڄڻن جي رپورٽ هاڪاري آئي.
رپورٽ موجب شهر جي مختلف اسپتالن ۾ ڪورونا جا 18 مريض علاج هيٺ آهن جڏهن ته گهرن ۾ 824 ڄڻا قرنطينه ۾ آهن، 4 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
سنڌ جي صحت کاتي شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته اسپتالن ۽ رش وارين جڳهين تي وڃڻ کان اڳ ماسڪ جو ضرور استعمال ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔