موسميات کاتي پاران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي 

اسلام آباد: موسميات کاتي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي موجب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم خشڪ رهندو. خيبرپختونخواهه، مٿانهين پنجاب، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ برسات جو امڪان آهي.
اسلام آباد ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ موسم جهڙالو رهندو. مري، گليات، راولپنڊي، اتڪ، چڪوال، جهلم، ميانوالي، گوجرانوالا، گجرات، حافظ آباد، سيالڪوٽ، نارووال ۾ برسات جڏهن ته لاهور ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
پشاور، نوشهره، صوابي، باجوڙ، ڪرم، چترال، دير، سوات، مانسهره، ڪوهستان، شانگلا ۽ ايبٽ آباد ۾ برسات جو امڪان آهي. جڏهن ته گلگت بلتستان جي جابلو علائقن ۾ برفباري جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔