بشريٰ بي بي توشه خانه بابت نيب نوٽيس کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي نيب نوٽيس کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.
اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي توشه خانه ڪيس ۾ جاچ لاءِ نيب طلبي جي نوٽيس کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي. جنهن ۾ نيب کي به ڌر بڻايو ويو آهي.
بشريٰ بي بي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته فيصلو اچڻ تائين نيب کي منهنجي خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي کان روڪڻ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ درخواست تي فيصلو اچڻ تائين نيب کي جاچ ڪرڻ کان روڪيو وڃي.
بشريٰ بي بي عدالت کان 16 ۽ 17 فيبروري واري نوٽيس کي غيرقانوني قرار ڏيڻ جي استدعا پڻ ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔