ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي

پاڪستان ۾ مهانگائي جي مجموعي شرح تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي

هفتي دوران اٽي، کير ۽ دالين سميت 23 کاڄرو شين جي اگهن ۾ 45 ڏهائي 36 واڌ ٿي آهي

شماريات کاتي جي انگ اکرن موجب اٽي جو 20 ڪلو ٿيلهو 50 رپيا 42 پئسا مهانگو ٿي ويو، نئون اگهه 3 هزار 160رپيا ٿي ويو

آنا 17 رپيا 26 پئسا في درجن مهانگا ٿي ويا، ٻاڪرو گوشت  في ڪلو  35 رپيا 76 پئسا ۽ وڏو گوشت في ڪلو 7 رپيا 28 پئسا مهانگو ٿيو

کنڊ به 2 رپيا 25 پئسا في ڪلو مهانگي ٿي وئي،  190 گرام چانهه جو پاڪيٽ 9 رپيا مهانگو ٿي ويو، کير، ڳڙ، چانور، ٿوم، داليون، ڪپڙن جو صابڻ ۽ پٽاٽا به مهانگا ٿي ويا

ملڪ ۾ مهانگائي جي مجموعي شرح ۾ 45 ڏهائي 36 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔