ڪورونا ۾ واڌ، مثبت ڪيسن جي شرح 3 سيڪڙو کان وڌيڪ رڪارڊ

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ مثبت ڪيسن جي شرح ساڍا ٽي سيڪڙو کان مٿي ٿي وئي آهي.
اسلام آباد جي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ موجب 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 150 ڪيس سامهون آيا آهن.
نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ جو چوڻ آهي ته 24 ڪلاڪن اندر ڪورونا سبب هڪ مريض فوت ٿي ويو، جڏهن ته 22 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ موجب مثبت ڪيسن جي شرح 3.58 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔