ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ برسات، سرجاني ۽ ملير ۾ ڳڙو

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ برسات وقفي وقفي سان جاري آهي، سرجاني ٽائون ۽ ملير ۾ برسات سان گڏ ڳڙو به پيو

ڪراچي جي علائقن اورنگي ٽائون، سرجاني ٽائون، نارٿ ڪراچي، پورٽ قاسم، گلشن معمار ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ هلڪي برسات پئ

شهر ۾ سرجاني ٽائون ۽ ملير ۾ تيز برسات پئي ۽ ڳڙو به پيو، جنهن سبب شهر جي موسم خوشگوار ٿي وئي آهي

موسمياتي تجزيا نگار جو چوڻ آهي ته شهر جي اتر ۾ ڪڪر ٺهيا آهن ۽ جنهن سبب شهر جي مختلف حصن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات ٿي رهي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔