اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، عمران خان جا وارنٽ معطل ڪرڻ واري درخواست خارج ڪرڻ وارو سيشن ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪيو ويو آهي

چيف جسٽس عامر فاروق تي ٻڌل 2 رُڪني بئنچ درخواست تي ٻڌڻي هلائي، عمران خان جي درخواست تي رجسٽرار آفيس طرفان واريل اعتراض ختم ڪيا ويا

ٻئي پاسي لاهور هاءِ ڪورٽ حفاظتي ضمانت لاءِ درخواست تي ٻڌڻي لاءِ عمران خان کي ساڍا 5 وڳي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

 زمان پارڪ ۾ آپريشن بابت درخواستن تي ٻڌڻي دوران اي جي پنجاب چيو ته وارنٽ تي عمل ٿيڻ گهرجي يا وري معطل ڪيا وڃن، عمران خان حفاظتي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي

 ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان قافلي جي صورت ۾  عدالت پهچندو، زمان پارڪ کان لاهور هاءِ ڪورٽ ويندڙ رستن تي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي

پنجاب حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ جلسي لاءِ ٿيل معاهدو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، معاهدي تحت پي ٽي آءِ طرفان 21 مارچ تي جلسو ڪيو ويندو

 جلسي لاءِ ڊي سي کي باضابطا درخواست ڏني ويندي، زمان پارڪ ۾ پرسنل ۽ پرائيويٽ سيڪيورٽي گارڊز جي آڊٽ ڪرائي ويندي

 ٻڌڻي دوران جسٽس طارق سليم شيخ معاهدي جو مسودو ٻيهر تيار ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته معاهدي جي ٻولي ٺيڪ نه آهي

چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي ڪي پي اليڪشن ڪميشن کي صوبي جي صورتحال کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي

چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي ڪي پي جو چوڻ آهي ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ ڪي پي ۾ امن امان جي صورتحال گهڻي خراب آهي، حالتون ڏسِي پُرامن چونڊن جي ضمانت نٿي ڏئي سگهجي

 اليڪشن ۾ اجلاس دوران آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري ڪي پي چيو ته صوبي ۾ چونڊن دوران پوليس اڪيلي سر امن امان کي ڪنٽرول نٿي ڪري سگهي، فوج ۽ ايف سي جي مقرري لازمي هوندي

اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته صوبي جي ڏکيائين جو اندازو آهي، پر پُرامن ۽ وقت سر چونڊون ڪرائڻ به آئيني ذميواري آهي، ڪميشن صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد چونڊن بابت مناسب فيصلو ڪندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔