رمضان المبارڪ جي چنڊ بابت موسميات کاتي جي اهم اڳڪٿي

ڪراچي: موسميات کاتي طرفان اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ته رمضان المبارڪ جو چنڊ 22 مارچ 29 شعبان تي نظر اچڻ جو چٽو امڪان آهي.

ملڪ ۾ هڪ ڏينهن روزي لاءِ مذهبي معاملن واري وزارت اهم قدم کڻندي رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسڻ لاءِ ڪميٽي جو اجلاس پشاور ۾ طلب ڪيو آهي.

چنڊ جي ديد بابت موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 22 مارچ 29 شعبان المعظم تي رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچڻ جو چٽو امڪان آهي، رمضان جي چنڊ جي پيدائش 21 مارچ جي رات 10 وڳي 23 منٽن تي ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔