سنڌ هاءِ ڪورٽ عورت مارچ تي پابندي جي استدعا رد ڪري ڇڏي، درخواستگذار تي ڏنڊ لاڳو

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ عورت مارچ تي پابندي لڳائڻ جي استدعا کي رد ڪندي درخواستگذار تي ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو. عدالت سڳوري عورت مارچ تي پابندي لڳائڻ جي درخواست شروعاتي دليل ٻڌڻ کان پوءِ رد ڪري ڇڏي ۽ درخواستگذار تي 25 هزار روپيه ڏنڊ به لڳائي ڇڏيو.
عدالت حڪم ڏنو آهي ته درخواستگذار ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪري ته سندس سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيو وڃي. عدالت چيو ته درخواستگذار وٽ اهڙو ڪوبه مواد ناهي جنهن جي آڌار تي پابندي لڳائي سگهجي.
درخواست داخل ڪرڻ جو مقصد مشهوري حاصل ڪرڻ آهي. درخواستگذار متاثر ڌر به نه آهي.عدالت آبزرويشن ڏني ته درخواست گذار جن نعرن تي اعتراض ڪيو ان ۾ ڪابه شيءَ اعتراض جهڙي نه آهي. عدالت چيو ته آئين سمورن شهرين کي چرپر جي آزادي ڏئي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔