عمران خان کي مڪمل طور تي صادق ۽ امين قرار نه ڏنو هو: جسٽس(ر) ثاقب نثار

اسلام آباد: اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته عمران خان کي مڪمل ۽ سمورن معاملن ۾ صادق ۽ امين قرار نه ڏنو هو.
نجي ٽي وي سينئر صحافي سان ڳالهيون ڪندي جسٽس(ر) ثاقب نثار چيو ته اڄڪلهه عدالتي فيصلن تي اهي ڳالهيون ڪري رهيا آهن جن کي قانون جي زير ۽ زبر جي به خبر نه آهي. جيڪو شخص اڄ عدالتن تي حملي آور آهي اهو ڪڏهن عدالتن جو پسنديده رهيو آهي، صرف هڪ ڪيس کان علاوه کيس هميشه عدالتن مان رليف ملندو ئي رهيو آهي

هن چيو ته جڏهن ته مان چيف جسٽس به نه هئس تڏهن نوازشريف مختلف حلقن ۾ اهو چوڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ته هي پنهنجو چيف آهي، مون پاناما ڪيس ۾ پاڻ کي بينچ کان ڌار ڪري ڇڏيو هو ۽ نااهلي ڪيس ۾ مدي بابت نوٽيس به واضح ڪري ڇڏيو، جيڪو به مدد ڪرڻ چاهي ڀلي ڪري. نااهلي جي مدي جي مقرري آئين ۽ قانون جي روشني ۾ ڪيو ويو

اڳوڻي چيف جسٽس چيو ته ٻن ڏينهن کان منهنجو واٽس ايپ هيڪ ٿي ويو آهي. اڃان تائين ريڪور ناهي ٿيو. امڪان آهي ته منهنجي موبائل ڊيٽا کي ڪنهن خاص مقصد جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو پر منهنجو واٽس ايپ هيڪ ڪندڙن کي شرمندگي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ملندو. ان کان اڳ به منهنجي مختلف وڊيوز کي جوڙي هڪ آڊيو ٺاهي وئي هئي ڪنهن جي ذاتي زندگي ۾ مداخلت چوري جي زمري ۾ اچي ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته عمران خان کي مڪمل طور تي صادق ۽ امين قرار نه ڏنو هو. ان کي به سياسي رنگ ڏنو ويو. عمران خان کي 3 نڪتن تي صادق ۽ امين قرار ڏنو هو. اڪرم شيخ عمران خان بابت 3 نڪتا لکي ڏنا هئا ته ان تي فيصلو ڪيو وڃي. ٽنهي نڪتن تي عمران خان صادق ۽ امين ثابت ٿيو هو.
جسٽس(ر) ثاقب نثار چيو ته پي ڪي ايل آءِ جي فارنزڪ رپورٽ جو جيڪڏهن ڪو جائزو وٺندو ته سندس مٿي تي هٿ اچي ويندا. پي ڪي ايل آءِ جي سربراهه کي هڪ پير جي چوڻ تي مقرر ڪيو ويو. هن چيو ته ملڪ جي مسئلن جو حل چونڊن ۾ آهي. 2018 ۾ به چونڊن جي رستي ۾ رنڊڪون وڌيون ويون جنهن کي مون ناڪام بنايو هو جنهن جو گواهه بابر يعقوب آهي.
اڳوڻي چيف جسٽس چيو ته مون غلط فيصلا ڪيا هوندا پر ملڪ جي بقاءُ لاءِ جيڪي به فيصلا ڪيا ان تي عمل ڇو نه پيو ڪيو وڃي.
جسٽس(ر) ثاقب نثار کان سوال ڪيو ويو ته پاناما ڪيس ۾ اوهان تي نوازشريف کي نااهل ڪرائڻ جي لاءِ جنرل(ر) فيض حميد دٻاءُ وڌو؟ جنهن تي ثاقب نثار چيو ته جنرل(ر) فيض حميد ڪير هوندو آهي جيڪو منهنجي مٿان دٻاءُ وجهي؟ مون جنرل(ر) باجوه سان سندس ان دعويٰ جي باري ۾ ڳالهائيندس.
ثاقب نثار چيو ته هي منهنجي نالي چئي رهيا آهن ته مان عمران خان جي لاءِ عدليه ۾ لابنگ ڪري رهيو آهيان مان ڇو عمران خان جي لاءِ عدليه ۾ لابنگ ڪندس؟ مون کي پنهنجن ٻارن جي مستقبل جي فڪر آهي؟
ثاقب نثار چيو ته مان هاڻ ڪنهن کي به انٽرويو نه ڏيندس، منهنجي مرڻ کان پوءِ هڪ ڪتاب شايع ٿيندي جنهن ۾ سموريون حقيقتون هونديون. 1987 کان وٺي چيف جسٽس جي عهدي تائين سموري ڪهاڻي لکندس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔