ريڊيو، ٿيٽر، فلم ۽ ٽي وي جو ليجنڊ اداڪار محمد قوي خان ڪينيڊا ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي: ريڊيو، ٿيٽر، فلم ۽ ٽي وي جو ليجنڊ اداڪار محمد قوي خان ڪينيڊا ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس عمر 80 سال هئي. هو جگر جي ڪينسر ۾ مبتلا هو.
محمد قوي خان ننڍي عمر کان ئي ريڊيو کان صداڪاري جي شروعات ڪئي هن ٿيٽر، ٽي وي ۽ فلمن ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. پي ٽي وي لاهور تان نشر ٿيندڙ ڊرامي سيريل(انڌيرا اجالا) کيس تمام گهڻي شهرت عطا ڪئي جنهن ۾ هن پوليس انسپيڪٽر جو ڪردار ادا ڪيو هو

قوي خان ڪافي وقت کان بيمار هو ۽ هن وقت علاج جي حوالي سان ڪينيڊا ۾ ترسيل هو جتي هو فوت ٿي ويو آهي. محمد قوي خان نومبر 1942ع ۾ پشاور ۾ پيدا ٿيو ۽ ننڍي عمر کان ئي ريڊيو پاڪستان سان جڙي ويو جتي هن آواز ۾ مهارت حاصل ڪئي. ان کان پوءِ هن ٿيٽر ۾ ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ پاڪستان ٽيليويزن تي به اداڪاري شروع ڪري ڇڏي ۽ تمام جلد پهرين نمبر جي اداڪارن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو

معاشري ۾ ڏوهن ۽ قانون جي موضوع تي ٺهيل ڊرامي اندهيرا اجالا ۾ سندس نه وسرندڙ ڪردار اڄ تائين ڏسندڙن کي ياد آهي. پي ٽي وي تي نشر ٿيندڙ بليڪ اينڊ وائٽ ڊرامي(لاکون مين تين) سندس پهريون ڊرامو هو جيڪو 1966ع ۾ نشر ٿيو هو.
محمد قوي خان جو نه وسرندڙ اهم ڪردار مرزا غالب جو به هو جيڪو شروعاتي ڪيريئر جو هڪ بهترين ڊرامو به هو محمد قوي نجي چينلز تي به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو رهيو جنهن ۾ آنگن، چپڪي چپڪي، سنڊريلا، بيٽيان، ميري شهزادي، تميزالدين کي بدتميز فيملي، شارٽ فلم ڻهرکي شامل آهن. قوي خان 200 کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪيو ۽ بهترين اداڪاري ذريعي پنهنجو خاص مقام ٺاهيو.
1980 ۾ محمد قوي خان کي حسن ڪارڪردگي جي ايوارڊ سان نوازيو ويو جڏهن ته کيس ستاره امتياز، لائف ٽائيم ايچومينٽ ايوارڊ، 3 نگارز ايوارڊز سميت ڪيترن ئي قومي ۽ عالمي ايوارڊرز ۽ اعزازات سان به نوازيو ويو. محمد قوي جي مشهور فلمن ۾ ٽائيگر گينگ، مٽي کي پتلي، سوسائٽي گرل، چن سورج، سرفروش، رانگ نمبر ۽ پري به شامل آهن.
محمد قوي خان سان گڏ ڪم ڪندڙ اداڪارن جو چوڻ آهي ته هو هڪ بهترين اداڪار ئي نه پر هڪ بهترين ۽ خوددار انسان به هو. قوي خان شوبز انڊسٽري ۾ پنهنجي بهترين اداڪاري سان يادن جو قيمتي اثاثو ڇڏيو آهي هو چاهيندڙن جي دلين ۾ هميشه زنده رهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔