وڊيو ليڪ معاملو: حريم شاهه جي الزامن تي صندل خٽڪ جو رد عمل سامهون اچي ويو

حريم شاهه جي ويجهي دوست صندل خٽڪ خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي، ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه جي غيراخلاقي وڊيوز ليڪ ٿيڻ واري معاملي تي صندل خٽڪ جو رد عمل به سامهون اچي ويو آهي

ڪجهه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي حريم شاهه جون ڪجهه غيراخلاقي وڊيوز منظر عام تي آيون هيون، ان کانپوءِ حريم شاهه الزام لڳايو هو ته هُن جون وڊيوز صندل خٽڪ ۽ عائشه ناز وائرل ڪيون آهن، حريم شاهه چيو هو ته صندل خٽڪ ۽ عائشه ناز منهنجي موبائيل مان وڊيوز چوري ڪري ڪيون هيون، جن کي هاڻ ليڪ ڪيو ويو آهي

حريم شاهه جي الزامن بعد هاڻ نجي ميڊيا سان ڳالهائيندي صندل خٽڪ چيو آهي ته حريم شاهه جي وڊيو ڏسندڙن کي شرم اچڻ گهرجي پر حريم ميڪ اپ ڪري ميڊيا ۾ اچي رهي آهي، ان کي ڪو شرم ۽ حياءُ نه آهي، اسان ڇو ان سان ايئن ڪنداسين، جيڪڏهن ايئن آهي ته حريم شاهه ايف آءِ اي ۾ ڪيس ڇو نه پئي ڪري، چاهي اهو پوءِ ڪيس مون تي، عائشه يا پوءِ پنهنجي بواءِ فرينڊ تي ڪري پر ان کي اهو ڪيس ڪرڻ گهرجي

هن چيو ته جيڪڏهن حريم مون مٿان لڳايل الزام ثابت نه ڪري سگهي ته پوءِ مان ان تي هرجاڻي جو ڪيس ڪنديس، هن چيو ته مون تي لڳايل الزام غلط آهن، حريم شاهه مون کي ٻڌايو هو ته منهنجي وڊيو منهنجي بواءِ فرينڊ ٺاهي هئي، هاڻ چئي رهي آهي ته مڙس ٺاهي هئي، جيڪي وڊيوز وائرل ٿيون آهن انهن ۾ ڪا ڇوڪري نه پر جيستائين حريم شاهه چيو ته منهنجي موبائيل هيڪ ٿي آهي، نئين نسل کي خبر آهي ته آءِ ڪلائوڊ ڪنهن جو هيڪ نٿو ٿي سگهي

صندل خٽڪ چيو ته ليڪ وڊيوز ۾ موجود شخص حريم جو مڙس ناهي، ڇو ته هڪ سال پهريان ته ان جي شادي ئي نه ٿي هئي، هي ان جو بواءِ فرينڊ هو، جنهن سان حريم شاهه رليشن شپ ۾ هئي ۽ حريم پاڻ به ان جو اعتراف ڪري چڪي آهي، وڊيو ٺاهيندڙ شخص وڊيو ۾ شيشي ۾ نظر به اچي رهيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔