رمضان رليف پيڪيج: پنج ارب رپين جو اعلان، 19 شين تي سبسڊي

اسلام آباد: حڪومت رمضان رليف پيڪيج 20 مارچ کان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، 5 ارب رپين جو پيڪيج يوٽيلٽي اسٽورن تي 19 شين تي 2 حصن ۾ ورهايو ويندو.
حڪومت رمضان رليف پيڪيج 20 مارچ کان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن موجب يوٽيلٽي اسٽورن تي 19 شين تي 5 ارب رپين جو پيڪيج 2 حصن ۾ ورهايو ويندو

ذريعن موجب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي واهپيدارن کي اربين رپين جو رليف ملندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته غريب طبقي کي گيهه تي 100 رپيا، اٽي تي 52 رپيا، کنڊ تي 30 رپيا، اٽي جي 10 ڪلو ٿيلهي تي 400 رپيا، گيهه تي 300 رپيا ۽ کنڊ تي 70 رپيا سبسڊي ملندي.
ذريعن موجب عام صارفين کي اٽي تي 27 رپيا في ڪلو، کنڊ تي 11 رپيا ۽ گيهه تي 25 رپيا سبسڊي ملندي، 10 ڪلو اٽو 648 رپيا، گيهه 490 رپيا ۽ کنڊ 89 رپيا في ڪلو ملندي.
يوٽيلٽي اسٽورن تي سمورن صارفين کي دال تي 20 رپيا في ڪلو، ڪوڪنگ آئل تي 25 رپيا في ڪلو، بيسڻ تي 50 رپيا في ڪلو، ڪتل تي 30 رپيا، شربتن تي 30 رپيا، چانهه تي 100 رپيا، کير تي 30 رپيا ۽ مصالحن تي 10 رپيا رعايت هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔