ملڪي ناڻي مٽاسٽا ذخيرن ۾ 55 ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ جي واڌ

اسلام آباد: چيني ڪمرشل قرض ملڻ سان اسٽيٽ بئنڪ جا ناڻي مٽاسٽا ذخيرا ساڍا 55 ڪروڙ ڊالر وڌي ويا.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب 24 فيبروري تائين ملڪي ناڻي مٽاسٽا جا مجموعي ذيرا 9 ارب 26 ڪروڙ ڊالر رهيا.
اسٽيٽ بئنڪ ٻڌايو آهي ته 24 فيبروري تي ختم ٿيندڙ هفتي ۾ پاڪستان کي چين کان 70 ڪروڙ ڊالر وصول ٿيا، جن مان پرڏيهي قرضن جي ادائيگي کانپوءِ مرڪزي بئنڪ جي ناڻي مٽاسٽا ذخيرن ۾ 55 ڪروڙ 60 لک ڊالرن جي واڌ ٿي.
بيان موجب مرڪزي بئنچ جا ذخيرا 3 ارب 81 ڪروڙ ڊالر رهيا، جڏهن ته ڪمرشل بئنڪن جا ذخيرا هڪ ڪروڙ 42 لک ڊالر گهٽجي 5 ارب 45 ڪروڙ ڊالر رهيا.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔