اٽلي ويجهو ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 28 پاڪستانين سميت 59 ڄڻا ٻڏي فوت

ڪراچي:اٽلي ويجهو ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 28 پاڪستانين سميت 59 ڄڻا ٻڏي فوت، ٻڏي فوت ٿيلن ۾ 12 معصوم ٻارڙا به شامل آهن

اٽلي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ريسڪيو آپريشن دوران 81 ڄڻن کي بچايو ويو آهي، اختيارين موجب ٻيڙي ۾ پاڪستانين سميت 200 کن ماڻهو سوار هئا

اختيارين موجب ٻيڙي اونڌي ٿيڻ کانپوءِ 30 ڄڻا اڃا به گم آهن، حادثي جو شڪار ٿيل ٻيڙي ترڪيه کان غيرقانوني طور اٽلي ۾ داخل ٿي رهي هئي

 وزيراعظم شهباز شريف پاران ٻيڙي جي حادثي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو، پنهنجي ٽويٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اٽلي ۾ ٻه درجن کان وڌيڪ پاڪستانين سميت ماڻهن جي ٻڏي وڃڻ واري خبر ڳڻتيءَ جوڳي آهي

وزيراعظم شهباز شريف پرڏيهي آفيس کي انگ اکر گڏ ڪرڻ ۽ قوم کي آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔