وزيراعظم شهباز شريف سان ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ آرمي چيف جي اهم ملاقات

اسلام آباد:وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ آرمي چيف اهم ملاقات ڪئي آهي.
ذريعن موجب اڄ جمعي 24 فيبروري تي ٿيندڙ ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس کان اڳ ڊائريڪٽر جنرل انٽرسروسز انٽيليجنس پاڪستان(آءِ ايس آءِ) ليفٽيننٽ نديم انجم ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير وزيراعظم هائوس ۾ شهباز شريف سان اهم ملاقات ڪئي.
اهم ملاقات ۾ ملڪ جي گڏيل سيڪيورٽي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. واضح رهي ته اڄ ٿيندڙ ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ دفاع وارو وزير خواجه آصف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ افغانستان دوري بابت ڪميٽي ۾ شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔