ڪوئٽه: مري اتحاد بارکان واقعي خلاف هنيل ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪوئٽه: آل پاڪستان مري اتحاد بارکان واقعي خلاف هنيل ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
بارکان ۾ پيش ايندڙ واقعي خلاف مري اتحاد جو 3 لاشن سان ريڊ زون ۾ ڌرڻو جاري هو جڏهن ته خان آف قلات جي ڀاءُ سينيٽر آغا عمر احمد زئي ريڊ زون ۾ ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. قبائلي جرڳي جو نمائندو خان آف قلات جو ڀاءُ پرنس عمر احمد زئي ڌرڻي واري هنڌ پهتو. ڌرڻي ۾ سردار سخي جان سمالائي به قبائلي اڳواڻن سان گڏ هو.

خان آف قلات پاران ڌرڻو ختم ڪرڻ جي اعلان کان پوءِ ڌرڻي ۾ مير نعمت مري سميت ڪجهه شرڪت ڪندڙن ڌرڻو ختم ڪرڻ جي مخالفت ڪئي پر آل پاڪستان مري اتحاد جي اڳواڻن مهر دين مري ۽ جهانگير مري به ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
مهر دين مري چيو ته اسان جا مطالبا پورا ٿي ويا آهن اسان ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪريون ٿا اسان جا ٻيا مطالبا به مڃيا ويا آهن. مري اتحاد جي چيئرمين مهر دين مري چيو ته صوبائي وزير عبدالرحمان کيتران جي گرفتاري ۽ خان محمد مري جا گهر ڀاتي بازياب ٿي ويا آهن جنهن تي خان آف قلات جي ڀاءُ پرنس عمر جي اعلان کان پوءِ ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. مهر دين مري چيو ته گران ناز ۽ ان جي ڌيءَ کي ڪراچي ميڊيڪل جي لاءِ آندو ويندو جڏهن ته لاشن کي ڊي اين جي لاءِ آندو پيو وڃي. تدفين جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔