پشاور سانحو: دهشتگرد نيٽ ورڪ جي ويجهو پهچي ويا آهيون: آءِ جي ڪي پي

پشاور: آءِ جي خيبر پختونخواهه معظم جاهه انصاري چيو آهي ته پشاور ۾ پوليس آفيسرز ۽ جوانن جي شهادت جو سبب بڻيل دهشتگرد نيٽ ورڪ جي ويجهو پهچي ويا آهيون، آءِ جي پوليس جي حيثيت ۾ مان ۽ منهنجا جوان تڪليف ۾ آهيون

آءِ جي ڪي پي معظم جاهه پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته  گذارش ٿو ڪيان ته اسان جي تڪليف ۾ اضافو نه ڪيو وڃي، اسان کي سمجهيو وڃي، اسان به حساس ماڻهو آهيون، اسان پنهنجي هڪ هڪ شهيد جو بدلو وٺنداسين

هن چيو ته سازشي ٿيوريز جي ذريعي منهنجي جوانن کي گمراهه ڪرڻ ۽ هنن کي روڊن تي آڻڻ مان ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندس، اها سازشي ٿيوري پيش ڪئي وئي ته ڊرون حملو ڪيو ويو آهي

آءِ جي ڪي پي موجب ڪو بارودي مواد ڦاٽڻ جون دعوائون پيو ڪري، اهي سڀ فضول ڳالهيون آهن، پشاور ڌماڪو ڊرون حملو نه پر آپگهاتي بم حملو هو، پوليس آپگهاتي بمبار جا سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ ڪري ورتا آهن

هن جو چوڻ هو ته سي سي ٽي وي مدد سان آپگهاتي بمبار کي ڳولي ورتو آهي، دهشتگرد پوليس وردي ۾ آيو ان ڪري پوليس سندس جهڙتي نه ورتي وئي هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔