چوڌري شجاعت حسين ق ليگ جي صدر طور بحال

اسلام آباد :اليڪشن ڪميشن چوڌري شجاعت حسين کي پاڪستان مسلم ليگ جي صدارت تان هٽائڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي کيس پارٽي صدارت جي عهدي تي بحال ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن طارق بشير چيما کي پارٽي جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي تان هٽائڻ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي کيس جنرل سيڪريٽري جي عهدي تي بحال ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن ق ليگ جي صدر چوڌري شجاعت حسين ۽ جنرل سيڪريٽري طارق بشير چيما کي پارٽي عهدن تان هٽائڻ واري مامري تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي ٻنهي کي پنهنجي عهدن تي بحال ڪيو، اليڪشن ڪميشن دليل مڪمل ٿيڻ تي 18 آگسٽ تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، چوڌري شجاعت حسين پارٽي صدارت تان هٽائڻ وارو سينٽرل ورڪنگ ڪاميٽي جو فيصلو اليڪشن ڪميشن ۾ چيلينج ڪيو هو. هوڏانهن وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي چيو آهي ته الله جو شڪر آهي ته سچ کٽي ويو ۽ ڪوڙ ۽ فسطائيت هارائي وئي، مسلم ليگ (ق) جي پٺي ۾ خنجر هڻڻ وارا نه گهر جا رهيا نه ٻاهر جا رهيا، هن چيو ته چوڌري شجاعت حسين جي قيادت ۾ مسلم ليگ (ق) جا ڪارڪن متحد آهن، ڪارڪنن ۽ عوام جي اميدن تي پورو لهنداسين، پارٽي کي ڪارين رڍن ۽ سازشين کان پاڪ ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔