ايران: آزادي اسڪوائر تي رقص ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار جوڙي کي قيد جي سزا

ايران جي عدالت تهران جي آزادي اسڪوائر تي رقص ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار جوڙي کي ساڍا 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

 امير احمدي ۽ سندس مڱيندي استياض حقي حڪومت جي مظاهرين خلاف ڪريڪ ڊائون دوران احتجاج طور پنهنجي رقص واري وڊيو سوشل ميڊيا تي پبلش ڪئي هئي

 ايراني عدالت ملڪ ۾ فحاشي، ڪرپشن ۽ رياست مخالف پروپيگنڊا کي هٿي ڏيڻ جي الزام هيٺ جوڙي کي قيد جي سزا ٻڌائي

عدالت جوڙي کي ملڪ نيڪالي ۽ ٻن سالن تائين سوشل ميڊيا جي استعمال تي پابندي جي سزا به ٻڌائي

 جوڙي کي ڊانس واري وڊيو انسٽا گرام تي شيئر ڪرڻ بعد گهرن تي چڙهائي ڪري گرفتار ڪيو ويو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔