شيخ رشيد جي گرفتاري: اسان کي روڊن تي اچڻ لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي:عمران خان

ڪراچي ؛ عمران خان شيخ رشيد جي گرفتاريءَ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ايڏي تعصباڻي حڪومت تاريخ ۾ڪڏهن نه ڏٺي آهي، شيخ رشيد جي گرفتاريءِ جي ڀرپور لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، اسان کي روڊن تي اچڻ لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي

هي حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي، اسان خلاف انتقامي ڪارروايون ٿي رهيون آهن، هي چاهين ٿا ته اسان روڊن تي اچون، اسان کي روڊن تي اچڻ لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي

شيخ رشيد جي ڀائيٽي راشد شفيق جو چوڻ آهي ته پوليس گهر جا دروازا ڀڃي کيس گرفتار ڪيو، هن کي اهڙي ڪيس ۾گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن سان سندس ڪو تعلق ناهي، پوليس لاءِ هٿيار ۽ شراب رکڻ ڪو وڏو مسئلو ناهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔