آءِ ايم ايف جا سخت شرط، پاڪستان عملدرآمد لاءِ وقت گهري ورتو

اسلام آباد: پاڪستان مطالبن تي عملدرآمد لاءِ آءِ ايم ايف کان وقت گهري ورتو آهي

آءِ ايم ايف جي مشن هيڊ نيٿن پورٽر جي سربراهيءَ ۾ وفد ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪستان جي معاشي صورتحال ۽ آءِ ايم ايف جي نائين پروگرام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

ذريعن موجب آءِ ايم ايف وفد ايندڙ بجيٽ ۾ اعلانيل فيصلن موجب بجيٽ خسارو 4.9 سيڪڙو ڪرڻ جو واعدو پورو ڪرڻ لاءِ چيو ويو، پرائمري خساري جو جي ڊي پي 0.2 سيڪڙو ڪرڻ جو به واعدو ورتو ويو

 آءِ ايم ايف وفد اهو به مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان جي برآمدي شعبي تان 110 رپين جي ڇوٽ ختم ڪئي وڃي

ايف بي آر طرفان 7470 رپين جي ٽيڪس وصولين جو هدف هر حال ۾ پورو ڪرڻ ۽ گردشي قرضن ۾ به خاطر خواهه لاٿ آڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو

ذريعن موجب آءِ ايم ايف مالي خسارن ۽ نقصانن جي نشاندهي ڪري ڇڏي، آءِ ايم ايف طرفان مالي نظم ۽ ضبط تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي

آءِ ايم ايف غريب طبقي لاءِ سبسڊي ڏيڻ جي مخالفت نه ڪئي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت رليف جاري رکڻ تي راضپو ظاهر ڪيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔