گجرات ۾ پوليس جو پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جي گهر تي ڇاپو

ڪراچي: گجرات ۾ پوليس جو پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جي گهر تي ڇاپو، پوليس ڪڃاهڙي هائوس کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، جهڙتي بعد پرويز الاهي جي سيڪيورٽي لاءِ مقرر ٿيل ملازمن کي حراست ۾ ورتو ويو

پوليس جو چوڻ آهي ته اسان چوڌري وجاهت حسين جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي، چوڌري وجاهت تي ڪڪرالي ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي، سندس گرفتاري لاءِ ڇاپو هنيو، پر نه مليو گهر مان ڦرلٽ جا الزام بي بنياد آهن

ان سلسلي ۾ پرويز الاهي چيو آهي ته سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، گهر تي ڇاپي خلاف قانوني ڪارروائي ڪنداسين، حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي، حڪومت نه دهشتگرد پڪڙي سگهي ۽ نه ئي معيشت کي سنڀاليو، هي حڪمران ناڪام ٿي ويا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔